جسماني وزن گھٽائيندڙ دوا تيار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جسماني وزن ۾ گھٽتائي آڻڻ سولو ناهي هوندو ۽ ان لاءِ ماڻهو ورزش ۽ ٻيا طريقا اختيار ڪندا آهن.
پر هاڻي هڪ اهڙي دوا تيار ٿي آهي جيڪا جسماني وزن گھٽائڻ لاءِ گھڻي اثرائتي ثابت ٿي رهي آهي.
آمريڪي ڪمپني ايلي للي جي تيار ڪيل دوا Zepbound کي آمريڪا ۾ استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.
يو ايس فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن (ايف ڊي اي) ان جي استعمال جي اجازت ڏني، جيڪا جسماني وزن گهٽائڻ لاءِ اهڙا ماڻهو استعمال ڪري سگھندا جيڪي هاءِ بلڊ پريشر يا ڪولسٽرول ۽ شڪر ٽائيپ ٽو جو شڪار هجن.
ان دوا جي منظوري 2 وڏن ڪلينيڪل ٽرائلز کانپوءِ ڏني وئي.
ٽرائزل دوران رضاڪارن کي 72 هفتن تائين اها دوا استعمال ڪرائي وئي.
گھڻي جسماني وزن وارن ماڻهن کي هاءِ بلڊ پريشر، هاءِ ڪولسٽرول يا دل جي شريانين سان سلهاڙيل مرض به هجن.
انهن ماڻهن کي سڄي ڏينهن ۾ 500 ڪيلوريز استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي.
ٽرائل جي نتيجن مان خبر پئي ته ان دوا کي استعمال ڪرڻ سان جسماني وزن ۾ 18 کان 25 سيڪڙو تائين گھٽتائي ٿيندي آهي.
انجيڪشن جي شڪل ۾ استعمال ڪرايل اها دوا اهڙن هارمونز جي فعلن کي تبديل ڪري ٿي جيڪي ميٽابولزم ۽ بک کي ڪنٽرول ڪندا آهن، جنهن سان بلڊ شگر جي سطح به بهتر ٿيندي آهي.
پر ان دوا جي استعمال سان ڪجهه هاڃيڪار اثرن کي به منهن ڏئي سگھجي ٿو جن ۾ هاضمي جي نظام جا مسئلا ۽ وار ڇڻڻ ذڪر ڪرڻ جوڳا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.