ڀارت جي ٻٽي پاليسي ۽ اسرائيل – ڀارت ڳٺ جوڙ کليل نموني سامهون اچي ويو.
ڀارت سدائين پنهنجي ٻٽي پاليسي سبب بدنام رهيو آهي، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڀارت اسرائيل لاءِ دهشتگردي، خاص طور جاسوسي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جهڙن سنگين ڏوهن ۾ ملوث آهي.
تازو ڀارت اسرائيل جي ڳجهي ايجنٽ طور دنيا سامهون ظاهر ٿيو آهي، جنهن جو تازو مثال قطر آهي، جتي 24 آڪٽوبر 2023 ۾ عدالت ڀارت جي اڳوڻي 8 نيوي آفيسرن کي اسرائيل لاءِ جاسوسي جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ٻڌائي.
12 ڊسمبر 2019 ۾ جرمني ۾ هڪ ڀارتي جوڙي کي سکن ۽ ڪشميرين جي حساس ڄاڻ را کي فراهم ڪرڻ جي الزام ۾ سزا ٻڌائي وئي.
2021 ۾ آسٽريلين پوليس انڪشاف ڪيو ته آسٽريليا ۾ قائم هندو عبادتگاهن ۾ ڀڃ ڊاهه ۾ بي جي پي جو هٿ آهي.
ڊسمبر 2020 ۾ بنگلاديش ۾ ديو پراشاد تي بنگالي فوج ۽ پوليس جي حساس ڄاڻ گڏ ڪرڻ جو الزام ثابت ٿيو.
جنوري 2015 ۾ سريلنڪا جي چونڊيل صدر جي شڪست ۾ را جي سازش بي نقاب ٿي ۽ بري طرح ناڪام ٿي وئي.
ڊسمبر 2020 ۾ سعودي عرب ٻن ڀارتي انٽيليجنس آفيسرن کي را لاءِ جاسوسي ۽ سعودي حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ملڪ بدر ڪيو.
جون 2023 ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي هٿان ڪينيڊين شهري هرديپ سنگهه نجر کي بي دردي سان ڪينيڊا جي سرزمين تي قتل ڪيو ويو.
پاڪستان ۾ وڏي عرصي کان جاري جاسوسي ۽ ٻين دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث ڀارتي نيول آفيسر ڪلڀوشن ياديو کي 2016 ۾ گرفتار ڪيو ويو.
آمريڪا خطي ۾ چين جي وڌندڙ اثر جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڀارت کان مدد ۽ حمايت حاصل ڪئي آهي، روس ۽ آمريڪا جي معاملي ۾ به ڀارت جي ٻٽي پاليسي کليل نموني سامهون اچي وئي.
هڪ پاسي مفاد پرست ڀارت آمريڪا سان ڀائيواري، ٻئي پاسي روس سان لاڳاپا برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آهي.
دهشتگردي ۽ جاسوسي جهڙا سنگين ڏوهه، ڀارت – اسرائيل جو ڳٺ جوڙ کليل نموني سامهون اچي ويو
Prev Post
You might also like