جاپان ۾ سمنڊ جي اندر ٻرندڙ جبل ڦاٽڻ سبب نئون ٻيٽ بڻجي ويو آهي.
جاپان جي موسمياتي اداري جي ايم اي موجب Iwo Jima ويجهو پئسفڪ سمنڊ ۾ نئون ٻيٽ سمنڊ ۾ اڀري آيو آهي.
جاپاني اداري ٻڌايو ته اهو بي نام ٻيٽ سمنڊ اندر ٻرندڙ جبل ڦاٽڻ جو نتيجو آهي.
سمنڊ ۾ ان جي اڀرڻ جي تصوير به جاري ڪئي وئي آهي.
ان تصوير ۾ هڪ ڌماڪي کان پوءِ ڪاري خاڪ جي ڪڪر کي مٿي پکڙجندي ڏٺو ويو آهي.
جي ايم اي ٻڌايو ته گذريل سال کان ان خطي ۾ ٻرندڙ جبل جي سرگرمي کي رڪارڊ ڪيو پيو وڃي.
ٽوڪيو يونيورسٽي جي ماهرن ٻڌايو ته اهو ٻيٽ 30 آڪٽوبر تي ٻرندڙ جبل ڦاٽڻ سبب ٺهيو.
ماهرن جو چوڻ هو ته سمنڊ جي اندر ان جي ٺهڻ جو عمل گھڻي عرصي کان جاري هو ۽ هاڻي وڃي اها مٿي اڀري آيو آهي.
اهو ٻيٽ Iwo Jima جي ٻيٽ کان هڪ ڪلوميٽر پري موجود آهي.
You might also like