افغان پناهگيرن بابت هڪ طرفي فيصلي سان لاڳاپا خراب ٿيندا: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته افغان پناهگيرن جو مسئلو ٻه طرفو آهي، ڪميشن ٺاهي مسئلو حل ڪيو وڃي.
پنهنجي بيان ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته افغانستان افغانين جو آهي، انهن کي وڃڻو هو، افغانستان پنهنجي عالمن کان فتويٰ ورتي ته پاڪستان ۾ هٿياربند ڪارروائي کي جهاد قرار نٿو ڏئي سگهجي.
هن چيو ته افغان پناهگيرن جو مسئلو ٻه طرفو آهي، هڪ طرفي فيصلي سان لاڳاپا خراب ٿيندا، تجويز ڏني آهي ته افغان پناهگيرن جي معاملي تي ڪميشن ٺاهي مسئلو حل ڪيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته امن سدائين انصاف سان ٿيندو آهي، ناانصافي ٿي ته امن نٿو ٿي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.