فون ۾ پاڻي هليو وڃي ته پهريان هي ڪم ڪريو؟

سمارٽ فونز هاڻي اسان جي زندگي جو اهم حصو بڻجي چڪا آهن جن کي اسان هر وقت پاڻ سان گڏ رکڻ پنسد ڪندا آهيون.

سمارٽ فونز اسان کي دوستن ۽ گھر وارن سان رابطي ۾ رهڻ ۾ مدد فراهم ڪندا آهن، سوشل نيٽورڪ ۽ ٻين سروسز سان سلهاڙيل رکندا آهن جڏهن ته انهن کي ٻين مختلف مقصدن لاءِ به استعمال ڪيو ويندو آهي.

سولن لفظن ۾ گھڻن ماڻهن لاءِ هاڻ سمارٽ فون کانسواءِ رهڻ ڏکيو هوندو آهي.

پر ان وقت ڪيئن محسوس ٿيندو آهي جڏهن ڪنهن حادثي يا غلطي سبب اوهان جو فون پاڻي ۾ ڪري پوي يا ان جي مٿان پاڻي ڪري پوي؟

هونئن ته سمارٽ فونز کي پاڻي کان تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ گھڻي اڳڀرائي ٿي آهي، پر اڃا به گھڻا فونز پاڻي سان خراب ٿي ويندا آهن.

جيڪڏهن اوهان جي سمارٽ فون جي مٿان پاڻي ڪري پوي يا اهو ڪٿي ٻڏي وڃي ته پريشان ٿيڻ بدران فوري طور تي ڪجهه قدم کڻي ان کان بچائڻ جي ڪوشش ڪري سگھجي ٿي.

سڀ کان پهريان هي ڪم ڪيو

جيئن ئي فون پاڻي ۾ ڪري يا پاڻي فون تي ڪري ته سڀ کان پهريان ان کي بند ڪري ڇڏيو.

ٻيا بٽڻ دٻائڻ سان پاڻي فون جي وڌيڪ اندر وڃڻ جو امڪان وڌي ويندو آهي.

ان کان پوءِ اوهان کي پنهنجون فون بجلي جي ڪنهن شيءِ کان پري رکڻو آهي، ڇو جو برقي اليڪٽروڊز سان فون جا آلا اوزار سڙي ويندا آهن ۽ اوهان کي به ڪرنٽ لڳي سگھي ٿو.

فون کي بند ڪري ڪوشش ڪريو ته ان جي بيٽري ٻاهر ڪڍي ڇڏيو (جيڪڏهن بيٽري ڪڍڻ ممڪن هجي ته)

ان سان گڏوگڏ فون جي اندر موجود سم ۽ ميموري ڪارڊ کي به ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.

فون کي بچائڻ لاءِ قدم

جڏهن فون بند ڪري بجلي جي شين کان پري ڪري ڇڏيو ته پوءِ ان کي خشڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي.

سڀ کان پهريان ته ڪنهن نرم ۽ صاف ڪپڙي سان فون جي اسڪرين سوڌو اڳين پٺين حصي کي نرمي سان صاف ڪري ڇڏيو.

چارجنگ يا هيڊ پورٽس مان نرمي سان پاڻي کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪريو.

هر ممڪن حد تائين پاڻي کي ڪڍڻ کان پوءِ فون کي ڪنهن صاف ۽ خشڪ جاءِ تي رکي ڪجهه ڏينهن لاءِ خشڪ ٿيڻ لاءِ ڇڏي ڏيو.

جي ها ڪجهه ڏينهن تائين انتظار ڪريو ڇو جو پاڻي جو معمولي مقدار به فون کي خراب ڪرڻ لاءِ گھڻو هوندو آهي، ته ڊوائيس کي مڪمل خشڪ ٿيڻ لاءِ وقت گھربل هوندو آهي.

جيڪڏهن اوهان فون کي جلد خشڪ ڪرڻ چاهيو ته ان کي سيل پيڪ ٿيلي ۾ ڪجهه سليڪا جيل پيڪيٽن سان گڏ بند ڪري ڇڏيو.

برقي شين، دوائن، جوتن ۽ مختلف شين ۾ سليڪا جيل جا پيڪيٽس موجود هوندا آهن ڇو جو سليڪا جيل گھم کي جذب ڪندو آهي.

سليڪا جيل ڊوائيس مان پاڻي کي جذب ڪري ڇڏيندو ۽ قسمت سٺي هوندي ته فون ٻيهر ڪم ڪرڻ لڳندو.

سليڪا جيل دستياب ناهي ته اوهان فون کي خشڪ اڇن چانورن جي اندر به رکي سگھو ٿا، پر ان طريقيڪار جي ڪاميابي جو امڪان گھڻو گھٽ آهي.

وڌيڪ ڇا ڪجي؟

جڏهن فون کي رکي ڪجهه ڏينهن گذري وڃن ۽ اها خشڪ محسوس ٿيڻ لڳي ته پوءِ ان کي آن ڪري ڏسو.

جيڪڏهن اوهان مٿي بيان ڪيل ڪم فوري طور تي درست طريقي سان ڪيا هوندا ته وڌيڪ امڪان آهي ته فون ٻيهر ڪم ڪندو.

جيڪڏن فون ڪم ڪرڻ لڳي ته ڪجهه ڏينهن تائين انهن جي فنڪشنز تي نظر رکو ۽ اسپيڪر يا مائيڪرو فون جي ڪارڪردگي به جاچيو.

جيڪڏهن فون ٻيهر آن نه ٿئي ته وڌيڪ امڪان اهو ئي هوندو ته ان جي زندگي ختم ٿي چڪي آهي، ان صورت ۾ ان کي ٺيڪ ڪرائڻ لاءِ ڪنهن ماهر کي ڏيکاريو جيڪو حتمي صورتحال بابت اوهان کي آگاهه ڪري سگھندو.

اهو ڪم جيڪو ڪڏهن به نه ڪرڻ گھرجي.

زبردستي يا زور زور سان جهٽڪا ڏئي پاڻ ڪڍڻ جي ڪوشش نه ڪريو، ڇو جو ڊوائيس کي جهٽڪا ڏيڻ سان پاڻي وڌيڪ تيزي سان اندروني پرزن تائين پهچي سگھي ٿو.

اهڙيءَ طرح فون کي مٿان گرم ڪري اندران خشڪ ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪريو، ڇو جو ان سان فون جي اندران مڪمل طور تي خراب ٿي سگھي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.