اڄ کان هي جي ميل اڪائونٽ ڊليٽ ٿي ويا

گوگل طرفان واهپيدارن کي تنبيهه ڪئي وئي آهي ته 1 ڊسمبر کان سمورا غير فعال جي ميل اڪائونٽس ڊليٽ ڪيا ويندا.

واضح رهي ته گوگل مئي 2023ع ۾ اعلان ڪيو هو ته گذريل 2 سالن کان غير فعال اڪائونٽس کي ڊليٽ ڪيو ويندو.

جي ميل، ڊاڪس، ڊرائيو، ميٽ، ڪيلينڊر، يوٽيوب ۽ فوٽوز لاءِ غير فعال گوگل اڪائونٽس تي اها پاليسي لاڳو ٿيندي.

ڪمپني موجب جيڪڏهن واهپيدار غير فعال گوگل اڪائونٽس تي لاگ ان نه ٿيندا ته انهن کي 1 ڊسمبر 2023ع تي ڊليٽ ڪيو ويندو.

ڪمپني چيو هو ته 30 نومبر تائين واهپيدار غير فعال جي ميل اڪائونٽ سميت رڪوري اي ميل اڪائونٽس تي مختلف اي ميلز موڪليون وينديون ۽ پوءِ اڪائونٽ يا مواد ڊليٽ ڪيو ويندو.

جيڪڏهن واهپيدار طرفان ڪجهه ناهي ڪيو ويو ته سندن اڪائونٽ ڊليٽ ٿي ويا هوندا يا جلد ٿي ويندا.

اها پاليسي مستقبل ۾ به لاڳو ٿيندي يعني جيڪڏهن واهپيدار ڪو اڪائونٽ 2 سالن تائين استعمال نٿو ڪري ته ڪمپني طرفان ان کي ڊليٽ ڪيو ويندو.

بچڻ لاءِ ڇا ڪجي؟

ان جو سولو حل اهو آهي ته پنهنجي گوگل اڪائونٽ تي هر 2 سالن ۾ گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو ضرور لاگ ان ٿيو ته جيئن ڪمپني ان کي فعال تصور ڪري.

حقيقت ۾ ضروري ناهي ته جي ميل تي لاگ ان ٿيو، بس ان اڪائونٽ کي يوٽيوب تي استعمال ڪريو، گوگل ڊرائيو کوليو، گوگل سرچ ڪريو يا ٿرڊ پارٽي ايپ کي ان اڪائونٽ سان لنڪ ڪري ڇڏيو تڏهن به ان کي ڊليٽ ٿيڻ کان بچائڻ ممڪن ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.