واٽس ايپ سان مقابلو،ٽيليگرام ۾ نوان فيچرز شامل

ٽيليگرام پاران چينلز لاءِ نوان فيچرز متعارف ڪرايا ويا آهن.
ميسيجنگ ايپ پاران اهي نوان فيچرز واٽس جو مقابلو ڪرڻ لاءِ متعارف ڪرايا ويا آهن.
هاڻي جڏهن به ڪو واهپيدار ڪنهن نئين ٽيليگرام چينل جو حصو بڻبو ته ايپ پاران کيس ملندڙ جلندڙ چينلز تجويز ڪيا ويندا، ته جيئن هو وڌيڪ بهتر چونڊ ڪري سگھي.
ٽيليگرام پاران آگسٽ ۾ اسٽوريز جو فيچر ايپ جو حصو بڻايو ويو هو ۽ هاڻي ان کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي.
ڪمپني موجب واهپيدارن ۽ چينلز طرفان اسٽوريز کي پنهنجي پيجز تي ري پوسٽ ڪرڻ ممڪن هوندو ري پوسٽ ڪندي اسٽوريز ۾ ٽيڪسٽ، تصوير يا وڊيو ڪمنٽري جو اضافو به ڪري سگھجي ٿو.
ٽيليگرام چينلز لاءِ ڪاسٽيوم ايموجيز فيچر به متعارف ڪرايو ويو آهي.
چينلز کان هٽي ڪري ٽيليگرام ۾ آڊيو ميسيجز لاءِ وائيس ٽو ٽيڪسٽ فيچر به ايپ جو حصو بڻايو ويو آهي.
اهو فيچر پهريان ٽيليگرام جي پريميئر واهپيدارن کي دستياب هو پر هاڻي اهو ايپ کي مفت استعمال ڪندڙن لاءِ به موجود هوندو.
پر واهپيدار هفتي ۾ رڳو 2 آڊيو ميسيجز لاءِ اهو فيچر استعمال ڪري سگھندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.