ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) غيرقانوني طور رهندڙ افغان شهرين جي پنهنجي وطن واپسي جو سلسلو جاري آهي.
ذريعن موجب، گذريل ڏينهن چار هزار 119 غيرقانوني افغان شهري پنهنجي ملڪ واپس هليا ويا جن ۾ 1272 مرد ۽ 1188 عورتن سميت 1659 ٻار شامل هئا.
افغانستان روانگي لاءِ 251 گاڏين ۾ 702 خاندانن جي پنهنجي وطن واپسي ٿي.
هنيئر تائين ٻه لک ست هزار ستو سئو اٺونجاهه غيرقانوني طور ترسيل افغان شهري پنهنجي وطن واپس وڃي چڪا آهن.
ياد رهي ته نگران حڪومت غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي پاڪستان ڇڏڻ لاءِ 31 آڪٽوبر جي ڊيڊ لائين ڏني هئي جيڪا هاڻي ختم ٿي چڪي آهي، ملڪ ۾ غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي ڪئمپن ۾ رکيو پيو وڃي.
You might also like