لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ ميان جاويد لطيف مطالبو ڪيو آهي ته ايندڙ عام چونڊن کان اڳ نواز شريف ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي انصاف ڏنو وڃي ته جيئن پتو پوي ته ڪير ملڪ جو خير خواهه آهي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد لطيف چيو ته ڪو ڏوهاري آهي ته کيس سزا ملڻ گهرجي، ووٽ کي عزت ڏيو جو مطلب آهي ته آئيني ادارا پنهنجي پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪن، سڀني کي ليول پليئنگ فيلڊ تحت چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو موقعو ملڻ گهرجي پر نوَ مئي واري ٻوٽي کي پاڻي نه ڏيڻ گهرجي.
نواز شريف جي ڪيسن جو جلد فيصلو ڪرڻ جي اپيل ڪندي هن چيو ته رڳو رياست ئي نه پر هن خطي کي به نواز شريف جي ضرورت آهي انڪري هاڻ آئيني ادارا محسوس ڪري رهيا آهن ته هاڻ نواز شريف جي رستي ۾ انتقام جون رنڊڪون کڙيون نٿيون ڪري سگهجن.
جاويد لطيف پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيل ۾ مليل سهولتن تي تنقيد ڪندي چيو ته کيس جيڪي سهولتون جيل ٻاهران نه مليون ، اُهي کيس جيل جي اندر ڏنيون ويون آهن، ادارن کي گذارش آهي ته اهڙو تاثر قائم نه ڪيو وڃي ته منصفاڻي چونڊ ناهي ٿي رهي.
هن سوال اُٿاريو ته نوَ مئي تي جيڪي ملڪي حساس ادارن تي حملا ٿيا اهي سياسي ڪارڪنن هئا يا دهشتگرد هئا، ماسٽر مائنڊ دهشتگرد هيو يا سياستدان هيو.
هن وڌيڪ چيوته آئيني ادارا پنهنجو احتساب ڪري رهيا آهن ته اِها سٺي ڳالهه آهي، ووٽ کي عزت ملندي تڏهن ئي ملڪ معاشي ڌٻڻ مان نڪري سگهندو.
You might also like