ميڊرڊ (ويب ڊيسڪ) هسپانوي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته غزا ۾ اسرائيلي فوجي جنگ جو ميدان ڇڏي ڀڃڻ لڳا آهن، جنهن کان پوءِ فوجين جون حياتيون بچائڻ لاءِ اسرائيل ڪرائي جا فوجي ڀرتي ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.
هسپانوي اخبار پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته غزا ۾ جنگ لاءِ اسرائيل فرانس مان ڪرائي جا پرائيويٽ فوجي ڀرتي ڪيا آهن. ڪرائي جي فوجين کي ماهوار 12 هزار ڊالرز ڏنا ويندا.
اخبار موجب اسرائيل ٻين ملڪن مان به پرائيويٽ فوجين کي ڀرتي ڪندو. ان ڀرتي جو مقصد غزا ۾ جنگ سبب اسرائيلي فوجين جي جاني نقصان کان بچڻ آهي.
بدنام زمانه نو نازي ازوف بٽالين جي صفن ۾ ڪرائي جي قاتل طور وڙهندڙ هڪ هسپانوي شهري پيڊرو ڊياز فلورس اخبار کي ٻڌايو ته اسان غزا ۽ اردن جي سرحد تي چيڪ پوائنٽس ۽ ايڪسيس ڪنٽرول پوائنٽس تي سيڪيورٽي جا انچارج آهيون. هتي گھڻا پرائيويٽ ملٽري ڪنٽينرز آهن ۽ اهي ڪم ۾ حصو ُوٺندا آهن. عام طور تي هنن ايلان ۽ عقبه وچ ۾ سرحدي ٽرمينلز جي حفاظت ڪئي آهي.
هن چيو ته اسرائيل سٺا پيسا، سامان ڏيندا آهن ۽ ڪم پرسڪون آهي.
You might also like