بحريا ٽائون ڪراچي لاءِ سپريم ڪورٽ مان نئون حڪم نامو اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت کان بحريا ٽائون ڪراچي جي قبضي هيٺ زمين بابت رپورٽون طلب ڪري ورتيون.
اربع ڏينهن چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ بحريا ٽائون ڪراچي عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران هائوسنگ سوسائتي جي مالڪ ملڪ رياض جو وڪيل سلمان اسلم بٽ عدالت عظميٰ ۾ پيش ٿيو.
ٻڌڻي دوران عدالت عظميٰ بحريا ٽائون جي سپريم ڪورٽ ۾ جمع رقم جا تفصيل ۽ سپريم ڪورٽ جي اڪائونٽنٽ کي فوري طور طلب ڪري ورتو.
چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته جن ماڻهن کي نوٽيس جاري ٿيا اهي ڪٿي آهن؟ جنهن تي وڪيل سلمان اسلم بٽ ٻڌايو ته اهي ملڪ رياض طرفان پيش ٿيا آهن.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته ملڪ رياض جي پٽ ۽ زال جو وڪيل ڪير آهي؟ جنهن تي سلمان اسلم بٽ ٻڌايو ته مان رڳو ملڪ رياض جي نمائندگي ڪري رهيو آهيان.
چيف جسٽس وڪيل کي پنهنجي اصيل سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اڳ ۾ توهان معلوم ڪري وٺو، ڇو ته سڀ هڪ ئي خاندان جا فرد آهن، ائين نه ٿئي جو عدالت ڪو حڪم جاري ڪري ۽ پوءِ اعتراض اچي وڃي.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته عدالتي حڪم تي هر صورت ۾ عمل ٿيندو، نه ته عدالت ان ڪيس ذريعي مثال قائم ڪندي، جنهن تي سلمان اسلم بٽ چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو نه ملڪ جو قانون مٿانهون آهي.
چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو قانون کان مٿانهون آهي؟ جنهن تي وڪيل چيو سپريم ڪورٽ جا ڪيترائي فيصلا آهن ته معاهدي جي ڀڃڪڙي نه ٿئي، جنهن تي جسٽس اطهر من الله چيو ته جذباتي نه ٿيو، هي توهان جو ذاتي ڪيس ناهي.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته 2019 جو فيصلو آهي، توهان نه توهين عدالت ۾ آيا نه عملدرآمد ۾، ته پوءِ اسان فيصلو ختم ڪري توهان کي اصل پوزيشن تي بحال ڪري ٿا ڇڏيون، توهان ادائيگي نه ڪرڻ جا بهانا ڳولي رهيا آهيو.
وڪيل جواب ڏنو ته مان ادائيگي لاءِ تيار آهيان پر زمين تي مڪمل ڏيو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته توهان جيڪو نقشو ڏيکاري رهيا آهيو اهو پاڻ ٺاهيو اٿَو، سرڪار جو نقشو ڏيکاريو، وڪيل ٻڌايو ته مان جيڪو نقشو ڏيکاري رهيو آهيان اهو ايم ڊي اي مان منظور ٿيل آهي.
چيف جسٽس وڪيل جي ڇنڊ پٽيندي چيو توهان کان قانوني ڳالهه پڇي وڃي ته نقشا ڏيکارڻ شروع ٿا ڪري ڇڏيو، هي بالي ووڊ يا هالي ووڊ ناهي جو اداڪاري هلندي، توهان قانوني نڪتي تي ئي نه پيا اچو.
پوءِ عدالت سنڌ حڪومت کان بحريا ٽائون جي قبضي هيٺ زمين بابت رپورٽون طلب ڪري ورتيون.
عدالتي حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته بحريا ٽائون ۽ ايم ڊي اي شاهدين سان گڏ رپورٽ ڏئي، جڏهن ته سنڌ حڪومت ۽ ايم ڊي اي زمين جي سروي به ڪرائي.
عدالت چيو ته بحريا ٽائون جو نمائندو به سروي ٽيم سان گڏ هوندو، سروي ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جي الزامن جو به جائزو ورتو وڃي.
عدالت درخواستگذار کي به سروي ٽيم جو حصو بنايو ۽ سروي رپورٽ 23 نومبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
سپريم ڪورٽ بحريا ٽائون ڪراچي عملدرآمد ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 23 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.