”غزا ۾ حماس يا اسرائيل بدران نئين حڪومت تي مشاورت جاري“

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) آمريڪا غزا ۾ فوري جنگ بندي جي امڪان کي رد ڪندي چيو آهي ته اڃا ان جو مناسب وقت ناهي آيو ۽ وقت کان اڳ سيز فائر سان حماس وڌيڪ مضبوط ٿي ويندي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب جي 7 اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن چيو ته غزا ۾ حڪومت نه حماس جي هوندي نه ئي اسرائيل علائقي جو انتظام سنڀاليندو پر موجودا جنگ جي خاتمي کان پوءِ هڪ عبوري حڪومت بڻجي سگھي ٿي جنهن جو مدو فلسطيني رياست جي قائم ٿيڻ تائين هوندو.
آمريڪا طرفان اهو بيان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سومر ڏينهن اعلان ڪيو هو ته جنگ بندي بعد اڻڄاتل مدي تائين غزا جي پٽي ۾ گڏيل سيڪيورٽي ذميواري اسرائيلي فوج سنڀاليندي.
آمريڪي پرڏيهي وزارت جو چوڻ هو ته غزا ۾ اسرائيل جي ٻيهر قبضي جي مخالفت ڪريون ٿا پر مستقبل ۾ حماس جي غزا ۾ حڪومت ٺهندي نظر نه پئي اچي.
آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اهو به چيو ته غزا ۾ ايندڙ حڪومت جي حوالي سان به مشاورت ڪري رهيا آهيون.
تجزيه ڪارن خدشو ظاهر ڪيو آهي وڏيون طاقتون غزا مان حماس کي هٽائي نئين حڪومت آڻڻ چاهين ٿيون جيڪا سڀني لاءِ قبول ڪرڻ جوڳي هجي ڇو جو اسرائيل غزا جو ڪنٽرول حاصل ڪندو ته ان کي سدائين نه ختم ٿيندڙ مزاحمت کي منهن ڏيڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.