ايم ڪيو ايم اتحاد تي پ پ ناراض، توپن جو رُخ ن ليگ ڏانهن، حڪمت عملي تيار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جي اتحاد کانپوءِ پ پ قيادت به سرگرم ٿي وئي، پ پ ۽ ن ليگ جي آمهون سامهون ٿيڻ جو خدشو آهي.
ذريعن موجب ماضي ۾ ويجهڙائي ۾ رهندڙ پ پ ۽ ن ليگ عام چونڊن ۾ مخالف بڻجڻ لاءِ تيار آهن.
پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ ايندڙ عام چونڊن ۾ لهڻ جي حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي.
ذريعن موجب پ پ قيادت اينٽي نواز سياسي قوتن کي گڏ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پ پ پنجاب، خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان مان اينٽي نواز سياسي جماعتن تي ٻڌل نئون اتحاد ٺاهڻ تي غور ڪري رهي آهي، پ پ قيادت اينٽي نواز ووٽ جون همدرديون حاصل ڪندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ چونڊ مهم دوران پي ٽي آءِ بدران ن ليگ کي هدف بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پ پ پنهنجي چونڊ مهم دوران 9 مئي واقعن جو ذڪر نه ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.