عائزا خان فلسطينين جي حق ۾ ڪيل پوسٽ ڊليٽ ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور پاڪستاني اداڪارا عائزا خان فلسطين بابت ڪيل سوشل ميڊيا پوسٽ ڊليٽ ڪري ڇڏي.
گذريل ڏينهن عائزا خان کي اسرائيل فلسطين ڇڪتاڻ تي خاموش رهڻ سبب سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو، اداڪارا جي انسٽاگرام تي 13 ملين کان وڌيڪ فالوورز آهن، اسرائيلي حملن تي عائزا خان کي خاموش ڏسي سوشل ميڊيا واهپيدار ڪاوڙجي پيا هئا.
سوشل ميڊيا واهپيدارن عائزا خان کان سوال ڪيو هو ته آخر ڪهڙي سبب جي ڪري هوءَ فلسطين جي معاملي تي خاموش آهي، واهپيدارن جو چوڻ هو ته هو عائزا خان جو بائيڪاٽ ڪري رهيا آهن ۽ کيس سوشل ميڊيا تان ان فالو ڪري رهيا آهن.


واهپيدارن جي تنقيد کان پوءِ عائزا خان گذريل ڏينهن پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ ڪئي هئي جنهن ۾ هن فلسطين لاءِ سوشل ميڊيا تي آواز نه اٿارڻ جو سبب ٻڌايو هو.
عائزا خان جو چوڻ هو ته آئون ڄاڻان ٿي ته روز دعا ڪرڻ روز پوسٽ ڪرڻ کان وڌيڪ طاقتور آهي تنهنڪري وڌ کان وڌ دعا ڪريو ۽ ٻين تي آڱريون کڻڻ ۽ هڪ ٻئي تي الزام لڳائڻ کان پاسو ڪريو.
عائزا خان جي ڊليٽ ٿيل انسٽاگرام پوسٽ
اداڪارا جو چوڻ هو ته اسان سڀني جا ٻار آهن ۽ اسان ان سور کي محسوس ڪري سگھون ٿا، اسان سوچي به نٿا سگھو ته فلسطيني عوام لاءِ ڪيترو تڪليف ڏيندڙ آهي پر مون کي الله تي يقين آهي، الله جلد انصاف ڏياريندو، آمين.
عائزا خان پنهنجي ان پوسٽ تي ڪمينٽ سيڪشن کي بند ڪيو هو پر اڄ هن پنهنجي اها پوسٽ ڊليٽ ڪري ڇڏي آهي، پر پوسٽ ڊليٽ ڪرڻ جو سبب سامهون ناهي آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.