انضمام الحق پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ چيف سليڪٽر انضمام الحق پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا.

ڪجهه ڏينهن اڳ انضمام الحق جو هڪ ڪمپني سان شيئر هولڊر هجڻ وارو معاملو سامهون آيو هو،پر انضمام الحق پي سي بي طرفان جاچ ڪميٽي جوڙڻ کان اڳ ئي پنهنجي چيف سليڪٽر جي عهدي تان اسعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.

بعد ۾ پي سي بي طرفان ورلڊ ڪپ لاءِ ٽيم جي چونڊ واري عمل ۽ مفادن جي ٽڪراءَ جي حوالي سان پنج رڪني جاچ ڪميٽي قائم ڪئي وئي هئي.

چيف سليڪٽر جو عهدو ڇڏڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ گفتگو ڪندي انضمام الحق چيو ته بورڊ کي سندس وڪيل اي ميل ڪئي آهي، اسان کي نه سڏايو پيو وڃي نه ئي اي ميل جو جواب ڏنو پيو وڃي.

اڳوڻي چيف سليڪٽر ذڪاءَ اشرف کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته بورڊ جو چيئرمين چئن مهينن لاءِ آيو هيو، هاڻ سندس مدي ۾ وڌيڪ ٽي مهينا واڌ ڪئي وئي آهي، هو پنهنجون غلطيون سدائين ٻين تي مڙهي ڇڏيندو آهي.

انضمام الحق وڌيڪ چيو ته ٽيم خراب کيڏندي آهي ته مان ذميواري کڻڻ لاءِ تيار آهيان، هڪ بيان ۾ چيو ويو ته ٽيم جي چونڊ جي سموري ذميواري انضمام کي ڏني وئي هئي، جيڪڏهن ڇوڪرن ڏانهن اِهو پيغام وڃي ها ته چيف سليڪٽر به اسان جو آهي، ٽيم ۽ ڪپتان به اسان جو آهي ته سندن حوصلا بلند ٿي وڃن ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.