اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مئنيجمينٽ ڪميٽيءَ جي سربراهه چوڌري ذڪاءَ اشرف جي سيٽ ايندڙ حڪومت تائين پڪي ٿي وئي آهي.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ اسلام آباد ۾ هڪ پريس ڪانفرسن کانپوءِ صحافين سان غيررسمي گفتگو دوران پي سي بي ۾ ڦيرڦار واري معاملي تي خيالن جو اظهار ڪيو.
سريلنڪن ٽيم جي خراب ڪارڪردگي تي بورڊ جي ايڪشن ۽ پي سي بي انتظاميا جي مدي ۾ واڌ بابت سوال تي انوار الحق چيو ته اسان نٿا چاهيون ته ڪنهن به ايڪشن سبب ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي تي اثر پوي.
هن چيو ته ٽن مهينن کانپوءِ اليڪشن آهي نئين حڪومت ايندي ۽ اِها ئي ڪرڪيٽ بورڊ جا معاملا ڏسندي.
وزير اعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سيمي فائنل ۾ پهچندي يا نه مفروضن تي ناهيان ڳالهائيندو.
You might also like