ڪراچي مان مردن ۽ عورتن سميت وڌيڪ 83 غير قانوني افغاني چمن روانا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ جيان ڪراچي مان به غير قانوني افغانين جي واپسيءَ جو سلسلو جاري آهي.
اختيارين موجب حاجي ڪئمپ هولڊنگ سينٽر ۾ 83 ڄڻا موجود هئا، غير رجسٽرڊ ماڻهن ۾ 19 عورتون، 19 مرد ۽ 45 ٻار شامل آهن.
اختيارين جو چوڻ آهي ته هولڊنگ سينٽر ۾ غير قانوني پرڏيهين کي رجسٽريشن کانپوءِ ٻن بسن ذريعي ڪراچي مان روانو ڪيو ويو، گذريل هڪ هفتي دوران 5 سئو کان وڌيڪ ماڻهو چمن بارڊر موڪليا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.