بئنگلورو (ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ بنگلاديش خلاف ميچ ۾ ٽائم آئوٽ تي وڪيٽ وڃائڻ تي سريلنڪن بيٽر اينجلو ميٿيوز وڊيو ثبوت پيش ڪري ڇڏيو.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي سريلنڪن بيٽر اينجلو ميٿيوز وڊيو جي اسڪرين شاٽ شيئر ڪندي لکيو ته ته ثبوت! جنهن وقت ڪئچ پڪڙيو ويو ۽ اِهو وقت جڏهن هيلمٽ جو پٽو ( اسٽريپ ) لٿو.
4th umpire is wrong here! Video evidence shows I still had 5 more seconds even after the helmet gave away! Can the 4th umpire rectify this please? I mean safety is paramount as I just couldn’t face the bowler without a helmet
— Angelo Mathews (@Angelo69Mathews) November 6, 2023
اسڪرين شاٽ ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سديرا سمارا وڪراما جي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ ميٿيوز ڪريز تي موجود هيو ۽ هيلمٽ جي اسٽريپ ٻڌي رهيو هو ته پٽو ٽٽي پيو.