ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم سان گڏ ڀنگ لاءِ اغوا ۽ ڀتي خوري جي واقعن ۾ به غير معمولي واڌ ڏٺي پئي وڃي.
سٽيزن پوليس ليزن ڪميٽي (سي پي ايل سي) ڪراچي ۾ ٿيندڙ 10 مهينن جي ڏوهن بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.
رپورٽ موجب ڪراچي ۾ روز 100 موٽر سائيڪلون چوري ڪيون ۽ کسيون وڃن ٿيون، هلندڙ سال هيل تائين ڪراچي وارن کان 50 هزار موٽر سائيڪلون کسيون يا چوري ڪيون ويون آهن.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هن سال رڳو سيپٽمبر تائين شهري اڍائي ارب رپيا ماليت جي موٽر سائيڪلن کان محروم ٿيا، جڏهن ته 1703 ڪارون به کسيون ۽ چوري ڪيون ويون.
رپورٽ موجب آڪٽوبر ۾ شهرين کي ٻه هزار 446 موبائل فونز کان محروم ڪيو ويو، جنهن مان 51 موبائل فونز برآمد ڪيا ويا، جڏهن ته آڪٽوبر ۾ ڀنگ لاءِ اغوا جا 3 ۽ ڀتي خوري جا 10 ڪيس رپورٽ ٿيا.
You might also like