اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ نيب ۾ پيش ٿيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي.
نيب عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي کي 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ۾ طلبي جو نوٽيس جاري ڪيو هو جنهن تي هن نيب جي آفيس ۾ پيش ٿيڻ کان معذت ڪري ڇڏي آهي.
بشريٰ بي بي پنهنجي وڪيل نعيم پنجوٿا ذريعي نيب کي خط لکيو آهي جنهن ۾ هن نيب کان ايندڙ هفتي نوٽيس جاري ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.
خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اڄ اڍائي وڳي نيب آفيس پيش ٿيڻ لاءِ 3 نومبر وارو نوٽيس جاري ڪيو ويو، ڪجهه سببن جي بنياد تي اڄ پيش نه ٿي سگهنديس انڪري نيب ۾ پيش بابت التوا جي درخواست ڪئي آهي.
بشريٰ بي بي جي خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته قانون جي حڪمراني لاءِ نيب سان مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرايان ٿي، نيب جاچ اهميت کي سمجهان ٿي تنهنڪري پيشي ايندڙ هفتي مقرر ڪئي وڃي.