بشير ميمڻ ن ليگ سنڌ جو صدر، شاهه محمد شاهه نائب صدر مقرر

مٽياري(ڊ ر) مسلم ليگ ن  جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال ميان نواز شريف جي منظوري سان اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير احمد ميمڻ کي مسلم ليگ ن سنڌ جو صدر مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آھي جڏھن ته شاھ محمد شاھ کي سينيئر نائب صدر مقرر ڪيو ويو آھي ھوڏانھن بشير ميمڻ لاھور ۾ مسلم ليگ ن جي قائد ميان نواز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ کيس سنڌ  ۾ پير پاڳاري ۽ ٻين سياسي اڳواڻن سان ملاقات دوران ڪيل ڳالھ ٻولھ کان واقف ڪيو ان موقعي تي ميان نواز شريف 21آڪٽوبر تي سندس ملڪ آمد جي موقعي تي بشير ميمڻ طرفان سنڌ مان وڌ ۾ وڌ ڪارڪن ۽ اڳواڻن کي آڻڻ وارين ڪاوشن کي ساراھيو

 سنڌ ۾ بشير ميمڻ پ پ جو مقابلو ڪري سگهندو؟

لاهور (عوامي آواز نيوز) مسلم ليگ سربراهه نواز شريف پيپلز پارٽي خلاف ڪارڊ کيڏڻ شروع ڪري ڇڏيا، جواب ۾ آصف زرداري به (ن) ليگ کي  ڪو سرپرائيز ڏيندو، نامياري صحافي امداد سومري جو چوڻ آهي ته بشير ميمڻ کي (ن) ليگ سنڌ جو صدر مقرر ڪرڻ اصل ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي کي چيڙائڻ برابر عمل آهي. ڇاڪاڻ  ته بشير ميمڻ ايف آءِ اي جو سربراهه هجڻ دوران آصف علي زرداري خلاف جعلي اڪائونٽن جي رپورٽ تيار ڪئي هئي. رهيو سوال ته ڇا سنڌ ۾ بشير ميمڻ پيپلز پارٽيءَ  کي ڏکيو وقت ڏئي سگهندو. ڇا هڪ اڳوڻو ڪامورو سياست ۾ آصف زرداري جو مقابلو ڪري سگهندو. اهو ته وقت ٻڌائيندو. نواز شريف ٻيو ڪارڊ ايم ڪيو ايم سان چونڊ اتحاد ڪري کيڏيو آهي. نواز شريف جو شايد خيال آهي ته ايم ڪيو ايم، جي ڊي اي ۽ ٻين پ پ مخالفن سان اتحاد ڪري پيپلز پارٽيءَ جومقابلو ڪيو وڃي. ان ۾ ڪيترو ڪامياب ٿيندو  اهو ته وقت ٻڌائيندو، ڇو ته ان دوران  آصف علي زرداري به نواز شريف کي  ڪو سرپرائيز ڏئي سگهي ٿو.  ڇو ته ايم ڪيو ايم کي وفاق بدران سنڌ حڪومت ۾ حصو گهربل هوندو آهي.چونڊن تائين نوان اتحاد ٺهندا به ڊهندا به آهن، ان ڪري پيپلز پارٽي ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪري ٿي ايندڙ ڏينهن ۾ واضح ٿي ويندو.

پنجاب تعليم ۽ ترقي ۾ سنڌ کان اڳتي آهي: بشير ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر) مسلم ليگ (ن) سنڌ جي صدر بشير ميمڻ عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته (ن) ليگ ۾ شموليت جو وڏو سبب ميرٽ  آهي نواز شريف ۽ شهباز جي سياست  ۾ ميرٽ کي اوليت ڏيڻ سبب (ن) ليگ ۾ شامل ٿيو آهيان ڇوته مسلم ليگ (ن) هميشه تعليم ۽ ترقي ۾ ميرٽ کي اوليت ڏيندي آهي  ان جو وڏو ثبوت اها آهي ته پنجاب هن وقت تعليم ۽ ترقياتي ڪمن ۾ سنڌ کان اڳتي آهي آءٌ سنڌ جو درد رکندڙ سنڌ واسي هجڻ جي ناتي تعليم ۽ ترقي ۾ سنڌ کي پوئتي نٿو ڏسي سگهان. منهنجو خواب آهي ته جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ته تعليم، نوڪري ۽ ترقياتي ڪم ميرٽ تي ڪرائي سنڌ کي پيرس بڻائينداسين آءٌ ميرٽ تي يقين رکان ٿو ۽ (ن) ليگ سنڌ جي صدر به ميرٽ تي ٿيو آهيان .بشير ميمڻ وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ تازو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ کي لتاڙي رشوت عيوض امتحان ۾ پاس ٿيندڙ اميدوار ڪيئن بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري سگهن ٿا جن جي رشوت عيوض سيٽ ورتل هجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.