لاهور(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف چيو آهي ته معاشي ترقي لاءِ ٻٽي رفتار سان ڪم ڪرڻو پوندو. لاهور ۾ ايم ڪيو ايم جي وفد سان ملاقات جي موقعي تي نواز شريف چيو ته اسان رڳو پاڪستان جي ترقي چاهيون ٿا. هن چيو ته ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ ايم ڪيو ايم سان تعاون هاڪاري اڳڀرائي آهي، ملڪ ۽ قوم کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ سڀ گڏجي جدوجهد ڪنداسين. نواز شريف چيو ته اسان آءِ ايم ايف کي خدا حافظ چيو هو. جيڪا ماني اسان جي دور ۾ 4 رپيا هئي، اها هاڻي 30 رپين جي ٿي وئي آهي، ٿرڪول جهڙا منصوبا ملڪ ۽ قوم جي غربت کي ختم ڪري سگهن ٿا. ن ليگ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته اسان سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواهه سميت سڄي ملڪ جي برابري جي ترقي چاهيون ٿا، هر علائقي جي ترقي اسان جي اولين ترجيح آهي، ڪڏهن به تعصب نه ڪنداسين. نواز شريف اهو به چيو ته ڊالر 4 سالن تائين 104 رپين تي رهيو، اسان ڊالر کي هلڻ نه ڏنو، اسان پنهنجي دور ۾ اٽي ۽ کنڊ جي قيمت وڌڻ نه ڏني. هن چيو ته ڀاڄين سميت سموريون کاڌي پيتي جون شيون گهٽ اگهه تي ملنديون هيون، هاڻ معاشي ترقي لاءِ ٻيڻي رفتار سان ڪم ڪرڻو پوندو.