اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان پرڏيهي قرضن ۽ آمدني ۾ فرق کي ختم ڪرڻ ۽ گيپ ڀرڻ لاءِ وري سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن کان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب 3 مهينن ۾ خسارو 947 ملين ڊالر رهيو جڏهن ته 6 ارب ڊالرن جي سالياني هدف جي مقابلي ۾ نگران حڪومت جو اندازو آهي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 6 ارب ڊالرن مان گهٽجي ساڍا 4 ارب ڊالر ٿي ويندو. اسلامڪ ڊولپمينٽ بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ ورلڊ بئنڪ کان به مدد طلب ڪئي ويندي، جڏهن ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي سان مالي تفاوت کي گهٽائڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان پرڏيهي فنانسنگ پلان آءِ ايم ايف سان شيئر ڪيو آهي ۽ آءِ ايم ايف پرڏيهي فنانسنگ گيپ کي گهٽائڻ لاءِ نجڪاري تيز ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. آءِ ايم ايف تجويز ڏني ته حڪومت عالمي بانڊ مارڪيٽ ۾ بانڊ جاري ڪرڻ جي آپشن تي به غور ڪري. آءِ ايم ايف سبسڊي گهٽائڻ جي به تجويز ڏني آهي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف پاڪستان کان ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جي قدر ۾ واڌ جا تفصيل گهري ورتا. ذريعن موجب آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ايڪسچينج ڪمپنين خلاف ڪارروائي جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن. ناڻي واري وزارت موقف اختيار ڪيو ته آءِ ايم ايف شرطن تحت اسٽيٽ بئنڪ مارڪيٽ بيسڊ ايڪسچينج ريٽ تي مڪمل عملدرآمد ڪيو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارروائي سان هٿرادو طور رپئي جي قدر ۾ واڌ ناهي ٿي.ناڻي واري وزارت وڌيڪ چيو ته سمگلنگ ۽ غير قانوني طور رهندڙ ماڻهن خلاف ڪارروائي سان ڊالر ريٽ ڪِريو، ان دوران حڪومت ادائيگيون به ڪيون.