پوري ڄمار ٻڌوسين ته سنڌ ڌرتي دنيا جو اهڙو امن وارو خطو آهي جتي صرف مهمان نوازي، آجپو، آشنائون، آسائشون ۽ قرب رقصان بڻيل رهندا آهن پر هاڻي جڏھن اسين ترقي جون تيز ترين وکون هڻي سوشل ميڊيا سان جڙندي سڀ پاسا مٽائي ميڊيا تي جيڪو سنڌ ڌرتي يا ڌرتي ڌڻين جو حال ڏسي رهيا آهيون ته ان دوران سنڌ جون حالتون پسي نٿو چئي سگهجي ته سنڌ امن واري ڌرتي رهي آهي ۽ سنڌي ئي سندس وارث اٿس ڇو ته جنهن ويل به سنڌ جي هر شهر واهڻ واهڻ وسطي تي نظر ٿي ڪجي ته ڏسڻ لاءِ ڇا ٿو ملي صرف ۽ صرف خوف، دهشت، وحشت، ڦرمار، غير يقيني واري حالت، قتل و غارتگيري، بدامني، بيروزگاري، بک بدحالي، بي رياروي مطلب ته هر اهو پهلو ڏسڻ لاءِ پيو ملي جنهن کي ڏسي سچ پڇو ته لڱ ڪانڊارجي پيا وڃن جنهن کان پوءِ هي ديس ڀوائتو پيو ڀاسجي ايترو ئي نه بلڪه اسين هڪ وڏي خوف واري زندگي پيا گذاريون.
توهان ڏسو گذريل ڏينھن ڪوهستان جي ماڻهن جي پاسداري ڪرڻ يا سندن درديلي حالتن تي لکي اتان جي ظالم ڀوتارن جي ظلم ڪرڻ واري عملن تي ڪوهستاني سردار جي ناراضگي تي سندس ماڻهن اتان جي هڪ خوددار قلمڪار گنگومل تي قاتلاڻو حملو ڪري کيس رتورت ڪري ڇڏيو ان جو صرف ڏوھ اهو هيو ته هو هميشه سچ لکڻ سان گڏ اتان جي بي پهچ ماڻهن جو ڀرجهلو ٿي بيهندو هو جنهن جو مثال ميڊيائي رپورٽن مطابق اهو آهي ته گنگومل هڪ اغوا جي ڪيس ۾ اتان جي بااثر ڀوتار تي شاهد هو. ان ڀوتار ڪيس کي منهن ڏيڻ بدران اڳ ئي هڪ پنهجي ڪورٽ ٺاهي گنگومل کي زخمي ڪرائي وڌو نه ئي ڪورٽ سڳوري جي فيصلي جو انتظار ڪيائين بس پنهنجي بي گناهي ثابت ڪرڻ بنھ پنهنجو فيصلو ڪندي قلمي پورهيت گنگومل تي پنهنجا هٿ ڇنڊي ڇڏيائين.
ان ڪيس کي اتي ڇڏيون ٿا اچون سينيئر صحافي جان محمد مهر جي ڪيس طرف جيڪو پڻ پنهنجي بيباڪي سبب ڪجھه مهينا اڳ سکر شهر ۾ گولين سان پروڻ ڪندي هٿياربندن هٿان شهيد ڪيو ويو جنهن جو به هن وقت تائين ڪيس هلڻ ته ٺهيو پر سندس جا قاتل به گرفتار نه ٿي سگهيا آهن ساڳي ئي ڏينهن ۾ معصومه شهيده فاطمه ڦرڙو واري قتل جو واقعو آهي جنهن جو ڪيس اڃان انساني ضميرن توڙي ملڪي عدالتن اندر تازو پيل آهي جيڪو به ڪنهن انجام تي پهچي نه سگهيو آهي اها نياڻي ته هڪ اوچي ديوارن واري حويلي اندر سنگ مرمر جي مضبوط فرشن واري محفوظ ڪمري اندر آرامي بڻيل هئي پوءِ ان اتي تڙپي تڙپي دم ڪيئن ڌڻي حوالي ڪيو ڇا انهيءَ جڳهھ کان وڌيڪ ان لاءِ ڪو محفوظ هنڌ ٻيو ٿي پئي سگھيو؟ ويچاري معصومه ايڏو محفوظ هوندي به آخر ماري وئي. ان معصومه جو ڪيس به اتي جو اتي جاچ هيٺ آهي جيڪو به ڪنهن اڳڀرائي جي مرحلي مان گذرندي نظر نه پيو اچي. انکي به گهڙي کن وساريون ٿا جڏھن ته وسارڻ جوڳو آهي نه!
وري ٽيون ڪيس آهي نوجوان ارشاد رانجهاڻي جو جنهن کي هڪ غير سنڌي يعني پٺاڻ رحيم شاھ ڏينھن ڏٺي جو ڪراچي جهڙي ڳتيل آبادي واري شهر جي وچ روڊ تي سوين ماڻھن جي نظرن اڳيان پسٽل جا فائر ڪري بي دردي سان قتل ڪيو جو اهڙو واقعو به عالم آشڪار آهي نتيجي ۾ ڇا ٿيو جيڪو به ڪنهن کان ڳجهو ڪونهي. اهو سرعام بي گناھ ماڻهو ماريندڙ قاتل پٺاڻ رحيم شاھ هڪ مختصر عرصي واري سزا هيٺ جيل اندر بند آهي ۽ اهو به سڀئي ڏسندا ته هڪ ڏينهن اهو بي رحم قاتل انهيءَ ڪيس مان آزاد ٿي ويندو ۽ پوءِ سڀڪو بي حسي جون دانهون ڪندو وري هلندي هلندي خاموش ٿي ويندو.
اسان وٽ اهڙي مار ڌاڙ ۽ ناانصافي تي ٻڌل وارتائون جاري آهن جن جا چند مثال اوهان سامهون رکيا آهن جن جو پڙهي اوهان پاڻ اندازو لڳايو ته اسين ڪيتري قدر محفوظ آهيون وري ٻئي طرف آهي سنڌ ڌرتي جي معصوم علم عقل سان سرشار نوجوانن کي کنڀي گم ڪرڻ وارو ڏاڍ جيڪو پڻ ڏاڍو ڏکائيندڙ آهي. ڇو ته هڪڙن گم ٿيل نوجوانن جا لاش گمنام رستن تان سندن وارثن کي ملي رهيا آهن ته ڪن کي مختلف ڪيسن ۾ ظاھر ڪري سندن کي ڪال ڪوٺڙين ۾ بند ڪيو ويو آهي وري ڪيترن مسڪينن جو ته ڏس پنڌ ئي نه پيو ملي. جنهن تي سندن جا وارث وڏي پريشانين مان گذري ملڪ جي ڪورٽ سڳورين سان رجوع ڪن ٿا ايترو ئي نه پر ڪورٽن اندر سندن پيارن جي ملڻ جا ڪيس داخل ڪري حاضريون پڻ ڪاٽين ٿا ته من سندن کي پنهنجا پيارا ملي پون پر اتي اها سندن اميد پوري ٿيڻ ته ٺهيو ويتر کين جاچ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽيز کين سڏائي سڏائي سندن جا لاھ ئي پٽي ٿي ڇڏي کين اهو به نه پيو ٻڌايو وڃي ته آخر سندن جا کنڀجي ويل پيارا ڪيڏانھن ويا. اهڙو ڪجھه ڏسي سچ پڇو ته پنهنجي آسپاس جي ماحول مان ڊپ لڳي رهيو آهي ۽ وڏي ويچار ۾ آهيان ته آخر سنڌ جي حالتن کي ڪنهن جي نظر لڳل آهي جو اهي ايتريون ڏکيون ٿي ويون آهن.!؟
اسان وٽ اهڙي مار ڌاڙ ۽ ناانصافي تي ٻڌل وارتائون جاري آهن جن جا چند مثال اوهان سامهون رکيا آهن جن جو پڙهي اوهان پاڻ اندازو لڳايو ته اسين ڪيتري قدر محفوظ آهيون وري ٻئي طرف آهي سنڌ ڌرتي جي معصوم علم عقل سان سرشار نوجوانن کي کنڀي گم ڪرڻ وارو ڏاڍ جيڪو پڻ ڏاڍو ڏکائيندڙ آهي. ڇو ته هڪڙن گم ٿيل نوجوانن جا لاش گمنام رستن تان سندن وارثن کي ملي رهيا آهن ته ڪن کي مختلف ڪيسن ۾ ظاھر ڪري سندن کي ڪال ڪوٺڙين ۾ بند ڪيو ويو آهي وري ڪيترن مسڪينن جو ته ڏس پنڌ ئي نه پيو ملي