اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سگريٽ جي سمگلنگ جو ڪاٿو وڌندو پيو وڃي ۽ خدشو آهي ته قومي ناڻي کي 310 ارب رپين جو نقصان ٿي سگهي ٿو.
هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تائين غير قانوني واپار جو ڪاٿو 63 سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان آهي.
پاڪستان ٽوبيڪو ڪمپني سگريٽن جي غير قانوني وڪري جي حوالي سان خبردار ڪيو آهي.
پي ٽي سي جو چوڻ آهي ته سگريٽ انڊسٽري ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي اثرائتي نظام جي ضرورت آهي.
پاڪستان ٽوبيڪو ڪمپني وڌيڪ چيو ته ايف بي آر طرفان غير قانوني سگريٽن خلاف قدم ضروري آهن.
پي ٽي سي موجب هلندڙ مالي سال 40 ڪمپنين مان رڳو ٻن ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪيو.
Next Post
You might also like