بشير ميمڻ کي (ن) ليگ سنڌ جو صدر مقرر ڪرڻ جو فيصلو

لاهور (عوامي آواز نيوز)  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف اٽڪل 5 سالن بعد جاتي امرا کان ماڊل ٽائون پهچي پارٽي آفيس ۾ پارٽي اڳواڻن سان ملاقاتون  ڪيون آهن ۽ باضابطا سياسي سرگرمين جي شروعات ڪئي آهي، نامياري صحافي گوهر بٽ موجب (ن) ليگ سنڌ جي اڳواڻ بشير ميمڻ به نواز شريف سان ملاقات  ڪئي آهي. ذريعن موجب ميان نواز شريف  مختلف اڳواڻن سان ڳالهائيندي  چيو ته هو جلد چئني صوبن جو دورو ڪندو. ذريعن موجب بشير ميمڻ کي نواز شريف (ن)  ليگ سنڌ جو صدر ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن هڪ ٻن ڏينهن ۾ جاري ڪيو ويندو.  جڏهن  ته نواز شريف بلوچستان جو دورو به ڪندو. جنهن دوران کيتران قبيلي جون اهم شخصيتون (ن)  ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪنديون، اهڙي طرح نواز شريف سنڌ ۽ ڪي پي ڪي جا دورا پڻ ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.