ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ پ پ ڪلين سوئيپ ڪندي، اسان جي خلاف ٺهندڙ ڳٺ جوڙ کي شڪست ٿي.
بلاول هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته اسان نفرت ۽ شرپسندي جي ڳالهه نه ڪنداسين، اسان چاهيون ٿا ته چونڊن ۾ سڀ حصو وٺن، چونڊن ۾ ڪاميابي رڳو پ پ ماڻيندي، بلاول واحد ليڊر آهي، جيڪو سڀني کي جوڙڻ جي ڳالهه ڪندو آهي.
هن چيو ته هڪ صاحب روز پريس ڪانفرنس ڪندو هو ۽ ڌانڌلي جو الزام هڻندو هو، اڄ ڌانڌلي جو الزام به نٿو هڻي سگهي، سنڌ جو عوام پ پ کي ووٽ ڏيندو، ڇو ته اسان عوام جي خدمت ڪئي، ضمني مڪاني چونڊن ۾ پ پ ڪلين سوئيپ ڪيو، ڪاميابي جي جيالن کي مبارڪ هجي.
سندس چوڻ هو سنڌ ۾ جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم جو اتحاد ٺهي رهيو آهي، پ پ خلاف سڀني پارٽين جي اتحاد کي ويلڪم ڪنداسين، چونڊن ۾ فتح جيل ڪاٽيندڙن جي ٿيندي، سڀني کي خبر آهي ته چونڊن کان ڪير ڀڄي رهيو آهي، پ پ جلد کان جلد چونڊون چاهي ٿي ۽ اسان سٺي چونڊ مهم هلائينداسين.
شرجيل ميمڻ چيو ته ملڪ ۾ تازو ٿيل دهشتگرد واقعن جي مذمت ڪيون ٿا، ڪجهه ملڪ دشمن عنصرن سوشل ميڊيا تي پروپگئنڊا ڪئي، دشمن چاهي ٿو ته پاڪستان کي نقصان پهچي.
هن چيو ته اسان فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت جي به مذمت ڪيون ٿا، عالمي قوتن کان مطالبو آهي ته غزا ۾ جنگبندي ڪرائي وڃي، پاڪستان حڪومت کان مطالبو آهي ته فلسطينين لاءِ ڀرپور آواز اٿاري.
You might also like