بابر ۽ محمد خلاف سازش وائکي، پي سي بي خلاف نئون پنڊورا باڪس کلي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) بابر اعظم ۽ محمد رضوان سٽي باز ڪمپنين جي ڪروڙين رُپين جي آڇ ٿڏي ڇڏي.

دي نيوز پنهنجي رپورٽ ۾ سٽي باز ڪمپينن جي ذريعن جو حوالو ڏيندي ڄاڻايو آهي ته بابر اعظم 250 ملين رُپين جي سالياني ڪانٽريڪٽ کان انڪار ڪيو جڏهن ته محمد رضوان رڳو هو سروگيٽ بيٽنگ ڪمپني جي سئو ملين رُپين جي سالياني معاهدي کان انڪار ڪيو ڇو ته اهڙي قسم جي اسپانسرشپس ۽ معاهدا قانون جي خلاف آهن.

واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) جي فرنچائز  ملتان سلطان جي ڪپتان محمد رضوان گذريل ٽورنامينٽ دوران پنهنجي ڪِٽ تي ڊبيلو او ايل ايف جو لگو لڳائڻ کان انڪاري ڪري ڇڏيو هو.

ون ايڪس بيٽ سٽي باز ڪمپني طرفان بابر اعظم ڏانهن اُماڻيل اي ميل ۾ چيو ويو آهي ته ڪمپني رانديگرن جي سوشل ميڊيا پليٽ فارم مان تمام گهڻو متاثر ٿي آهي ۽ انهن سان ڪم ڪرڻ چاهي ٿي.

دي نيوز موجب، اهڙي قسم جي آڇ جي جواب ۾ بابرا عظم جي انفرادي اسپانسر شپس جي ذميواري سايا ڪارپوريشن جواب ۾ چيو ته اوهان جي مهرباني پر مسلمان طور اسان ڪنهن به سٽي باز يا سروگيٽ بيٽنگ برانڊز جي حمايت نٿا ڪري سگهون.

دي نيوز وٽ اِها اي ميل پڻ موجود آهي، اهڙي ئي قسم جي آڇ محمد رضوان کي به ڪئي وئي هئي پر هن به آڇ قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

ذريعن وڌيڪ انڪشاف ڪيو ته پي سي بي بابراعظم ۽ محمد رضوان جا اميج رائٽس سندس مرضي جي خلاف سٽي باز ڪمپنين کي ڏنا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته بابر، رضوان ۽ ٻين واضح طور تي اهڙي ڪمپنين سان معاهدو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي پوءِ به پي سي بي پي ايس ايل فرنچائزز سان ملي ڪري رانديگرن جا اميج رائٽس سٽي باز ڪمپنين کي ڏئي ڇڏيا آهن.

ذريعن موجب، پاڪستان سپر ليگ جي ڪجهه فرنچائز به رانديگرن کي سروگيٽ بيٽنگ ڪمپنين لاءِ لوگو کي ڪنهن به قيمت تي پائڻ تي مجبور ڪيو جيڪو رانديگرن جي بنيادي حقن ۽ اظهار جي آزادي جي واضح ڀڃڪڙي آهي.

هتي اِها ڳالهه پڻ اهم آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ظابطا اخلاق يا قانون ۾ واضح طور بيان ڪيو ويو آهي ته  بيٽنگ، جوا، سگريٽ، شراب، غيرقانوني منشيات، هٿيارن، ڪنهن به قسم جي غيرقانوني سرگرمي( تجارتي يا ٻي صورت ۾ ) جي حمايت نه ڪندو

جيڪي رانديگر پاڪستاني قانون يا پي سي بي جي پاليسين جي ڀڃڪڙي ڪندا انهن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.