شهيد بينظير آباد (پ ر) شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شهيد بينظيرآباد ۾ ھلندڙ بيچلر ۽ ماسٽر پروگرامن ۾ نئين داخلائن جي آخري تاريخ 15 مقرر ڪئي وئي آھي.
ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊميشن جي پڌرائي موجب يونيورسٽي ۽ سندس ڪيمپسز ۾ بي بي اي، بي ايس 4 سالا پروگرام، برج پروگرام، ايم بي اي، ايم ايس ۽ ايم فل پروگرامن ۾ ھلندڙ نئين داخلا برائي سال 2024 ۾ داخلا وٺڻ جي آخري تاريخ 15 نومبر 2023 مقرر ڪئي وئي آهي.
ڪمپيوٽر بيسڊ پري انٽري ٽيسٽ مرحليوار طور تي مين ڪيمپس لانڍي نواب شاھ ۾ 24، 25 ۽ 26 نومبر، سانگھڙ ڪيمپس ۾ پھرين ڊسمبر ۽ نوشھرو فيروز ڪيمپس ۾ 3 ڊسمبر تي ورتي ويندي.