راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي خيبر جي وادي تيراه ۾ دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل سميت چار فوجي جوان شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 3 دهشتگرد به مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب 6 نومبر جي رات سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي وادي تيراه ۾ آپريشن ڪيو.
آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي سخت ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ قيادت ڪندڙ 43 ورهين جو ليفٽيننٽ ڪرنل محمد حسن حيدر شهيد ٿي ويو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ نائيڪ خوش دل خان، رفيق خان، لانس نائيڪ عبدالقادر به شهادت ماڻي، جڏهن ته 3 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿيا.
ترجمان موجب علائقي ۾ باقي دهشتگردن جي خاتمي لاءِ آپريشن جاري آهي، بهادر جوانن جون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مستحڪم بڻائين ٿيون.
You might also like