شاهد آفريدي ڌيءَ جو رشتو شاهين سان ڇو ڪيو؟ حقيقت سامهون اچي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي کي پنهنجي ڌيءُ لاءِ چونڊڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.

شاهد آفريدي هڪ خانگي ٽي وي شو ۾ مهمان طور نظر آيو جتي هن پنهنجي ڌيءَ جو تعارف ڪرايو ۽ ساڻس ڳالهه ٻولهه به ڪئي.

انشا آفريدي جي شاهين شاهه آفريدي سان شادي بابت هن چيو ته شاهين آفريدي جا گهروارا ان معاملي تي ڪافي عرصي کان منهنجي گهروارن سان رابطي ۾ هئا.

اڳوڻي ڪپتان جو چوڻ هو ته هڪ سٺو انسان منهنجي لاءِ سڀ کان اهم شيءِ آهي، ۽ شاهين آفريدي هڪ عظيم انسان آهي.

هن چيو ته شاهين آفريدي کي ذاتي طور تي نه سڃاڻيندو هيس، ڇاڪاڻ ته ٻنهي خاندانن جو ماضي ۾ هڪ ٻئي سان رابطو ختم ٿي ويو آهي، جڏهن ته شاهين آفريدي هڪ بهترين شخص آهي.

اسان جي خاندان جا بزرگ هڪ ٻئي کي سڃاڻندا هئا.

شاهد آفريدي جو چوڻ هو ته شاهين آفريدي سان گڏ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏندڙ سندس ٽيم جا ساٿي به ساڻس عزت ۽ احترام سان پيش ايندا هئا ۽ کيس هڪ انسان سمجهي سندس تعريف ڪندي چيو هو ته شاهين آفريدي تمام ذهين آهي، تنهن ڪري اهي سڀ ڳالهيون اهم هيون ته مان کيس ڌيءَ لاءِ چونڊيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.