چمن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مان روز هزارن جي انگ ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغان شهري واپس وڃي رهيا آهن ۽ هيل تائين ڪُل 188738 غير قانوني افغاني واپس وڃي چڪا آهن.
غير قانوني افغانين جي پنهنجي ملڪ واپسي جو سلسلو جاري آهي ۽ هيل تائين هڪ لک 88 هزار 738 افغان شهرين کي واپس موڪليو ويو آهي.
چمن ۽ طورخم بارڊر تان روز هزارن جي انگ ۾ افغان شهري واپس وڃي رهيا آهن، خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي عارضي ٽرانزٽ ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن، جتي غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي ڪاغذ ۽ ٻيون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ واپس موڪليو پيو وڃي.
You might also like