شاهد آفريديءَ کي پي سي بي ۾ اهم عهدو ملڻ وارو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ذڪاءَ اشرف شاهد آفريديءَ کي جلد پي سي بي ۾ اهم عهدو ڏيڻ جو اشارو ڏيندي گڏجي ڪم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي سي بي چيئرمين ذڪاءَ اشرف چيو ته اسان جو بورڊ خيرخوبيءَ سان هلي رهيو آهي ۽ اسان ناڪاري ڳالهين تي ڌيان ناهيون ڏيندا، ڪجهه ڳالهين کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو پيو وڃي.

هن چيو ته حقيقت ۾ ڪنهن به قسم جي اندروني ڪهاڻي نه آهي، پاڪستان ۽ ڪرڪيٽ دشمن اهڙيون منفي خبرون پکيڙيندا آهن.

ذڪاءَ اشرف چيو ته هو شاهد آفريديءَ جي جذبي جي عزت ڪري ٿو ۽ ساڻس گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو.

هن چيو ته فخر زمان کي ڏهه لک رُپيا انعام سندس ڪارڪردگي جي بنياد تي ڏنو ويو، ٻين مُلڪن ۾ رانديگرن کي سٺي ڪارڪردگي تي وڌيڪ پئسا ملندا پر اِهي رانديگر ڪا به ليگ ناهن کيڏندا.

پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽيءَ جي سربراهه چيو ته ڪجهه بيان ٽوڙي مروڙي پيش ڪيا ويا، ميچ ۾ هڪ ٽيم هارائيندي آهي هڪ کٽيندي آهي، ڀارت جا تماشائي به راند کي انجواءِ ڪندا آهن .

ذڪاءَ اشرف چيو ته احمد آباد ۾ پاڪستان جو ايڏو وڏو جهندو هيو، مون اڄ تائين ڪٿي اهڙو جهنڊو ناهي ڏٺو، ڀارت ۾ پاڪستان ٽيم جو سٺو آڌرڀاءُ ڪيو ويو.

هن وڌيڪ چيو ته ٽيم لاءِ سڀئي دعائون ڪري رهيا آهيون الله ڪامياب ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.