طاهر پلازا سانحي ڪيس ۾ اڳڀرائي، اکين ڏٺن شاهدن ٽارگيٽ ڪلر سعيد ڀرم سميت 3 جوابدار سڃاڻي ورتا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) طاهر پلازا کي باهه لڳڻ جي ڪيس ۾ ٻن اکين ڏٺن شاهدن ٽارگيٽ ڪلر سعيد ڀرم سميت ٽن دهشتگردن کي سڃاڻي ورتو ۽ بيان رڪارڊ ڪري ورتو.
ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ طاهر پلازا سانحي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻن اکين ڏٺن شاهدن ٽارگيٽ ڪلر سعيد ڀرم سميت 3 دهشتگردن کي سڃاڻي ورتو ۽ بيان ۾ چيو ته سعيد ڀرم ۽ ٻين جوابدارن فائرنگ ڪئي ۽ وڪيلن جون آفيسون ساڙيون.
اکين ڏٺن شاهدن، رڪشي ڊرائيور ۽ مقتول وڪيل جي گن مين جا بيان به قلمبند ڪيا ويا، شاهد رڪشي ڊرائيور چيو ته واقعي جي ڏينهن طاهر پلازا ڀرسان بيٺو هيس، اوچتو فائرنگ جو آواز آيو ۽ ڀاڄ پئجي وئي، سعيد ڀرم سميت ٻين جوابدارن کي فائرنگ ڪندي ڏٺو ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ جي روبرو به سڃاڻپ پريڊ دوران انهن جوابدارن کي سڃاتو.
شاهد گن مين چيو ته سعيد ڀرم ۽ ٻيا جوابدار طاهر پلازا ۾ داخل ٿيا هئا، هي اهي ئي جوابدار آهن، جن طاهر پلازا ۾ وڪيلن جي آفيسن کي باهه ڏني هئي، سعيد ڀرم سميت ٻين جوابدارن کي باهه لڳائيندي ڏٺو هو.
عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جي وڌيڪ شاهدن کي طلب ڪري ورتو، پوليس چيو ته ڪيس ۾ سعيد ڀرم، عمران سعيد، فيصل جاويد عرف ماما گرفتار آهن، جوابدار عمران سعيد 164 ۽ جي آءِ ٽي بيانن ۾ طاهر پلازا کي باهه ڏيڻ جو اعتراف ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.