ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ٽرانزٽ پوائنٽس کان جيڪب آباد منتقل ڪيل غير قانوني افغانين ڏيهه واپسي تي پاڪستاني اختيارين جا ٿورا مڃيا آهن.
غير قانوني افغانين کي جيڪب آباد کان چمن لاءِ روانو ڪيو ويو، چمن روانگي کان اڳ افغان شهرين ڏنل سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو، قافلو چمن بارڊر ڏانهن روانو ٿيندي مهمان نوازي کي داد ڏيندو رهيو.
افغان شهرين عزت سان پيش اچڻ، سهولتن ۽ مهمان نوازي تي پاڪستاني اختيارين جا ٿورا مڃيا، سندن چوڻ هو ته هتان جي سڀني ماڻهن اسان جو تمام گهڻو خيال رکيو ۽ ضرورت جون شيون فراهم ڪيون.
You might also like