پشاور (ويب ڊيسڪ) ملڪ مان غير قانوني افغانين جي ڏيهه واپسي جو سلسلو جاري آهي ۽ نادرا خيبر پختونخواهه ۾ هنگامي بنيادن تي پنهنجون خدمتون شروع ڪري ڇڏيون آهن.
افغان واپس ايندڙ شهرين جي رجسٽريشن لاءِ نادرا 22 موبائل وينز گڏ ڪري لنڊي ڪوتل پهچائي ڇڏيون آهن، ٽرانزٽ پوائنٽ تي موبائل وينز جي سهولت سان گڏ 20 ڪائونٽر به جوڙيا ويا آهن، جن ۾ نادرا جا 140 ملازم رات ڏينهن 24 ئي ڪلاڪ پنهنجون ذميواريون انجام ڏئي رهيا آهن.
پهرين نومبر کان نادرا پنهنجي روز جي رجسٽريشن جي صلاحيت کي به وڌائي 15000 ڪري ڇڏيو آهي، نادرا جا اعليٰ آفيسر موقعي تي موجود آهن ۽ واپس ويندڙن جي هر ممڪن مدد ڪئي پئي وڃي.
نادرا اختياريون ان ڳالهه کي يقيني بڻائي رهيون آهن ته عورتن، بزرگن ۽ ٻارن کي ڪا ڏکيائي پيش نه اچي، جڏهن ته بارڊر تي ايندڙ پرڏيهين نادرا جي اثرائتي خدمتن کي ساراهيو آهي.
You might also like