ميانوالي (ويب ڊيسڪ) ميانوالي ايئربيس حملي ۾ پرڏيهي هٿيار استعمال ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
ذريعن موجب 4 نومبر تي ميانوالي ۾ پاڪستان ايئر فورس ٽريننگ ايئر بيس تي دهشتگرد حملي ۾ استعمال ڪيل پرڏيهي هٿيارن بابت تفصيل سامهون اچي ويا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ميانوالي حملي ۾ مارجي ويل دهشتگردن وٽان پرڏيهي هٿيار مليا، جيڪي آمريڪي آهن.
واضح رهي ته 4 نومبر تي دهشتگردن ميانوالي ۾ پاڪستان ايئر فورس جي ايئر بيس تي حملو ڪيو هو، جنهن کي سيڪيورٽي فورسز ناڪام بڻائيندي 9 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
You might also like