پاڪستان ورلڊ ڪپ کٽيو ته بابر اعظم وزيراعظم بڻجندو:عبدالرزاق جي اڳڪٿي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي اڳوڻي اسٽار آل رائونڊر عبدالرزاق جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پاڪستان ورلڊ ڪپ کٽيو ته بابر اعظم ڪپتان نه وزيراعظم بڻجندو.

نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ قومي ٽيم جي موجودا ۽ اڳوڻن اسٽار ڪرڪيٽر شرڪت ڪئي ۽ عوام جي سوالن جا جواب پڻ ڏنا.

هڪ سوال جي جواب ۾ فاسٽ بالر محمد عامر جو چوڻ هو ته ڀارتي بالرن جي بالنگ جو پِچ ميپ ڏسو ته ورلڊ ڪپ ۾ سڀ کان وڌيڪ پيڊ تي بال ڀارتي بالرن هنيا آهن.

هن چيو ته ڀارتي بالر صحيح جاءِ تي بالنگ ڪري رهيا آهن ۽ اِهو ئي سبب آهي جو کين ڪاميابي ملي رهي آهي، ڀارتي فاسٽ بالر جڏهن به اسپيل ڪندا آهن وڪيٽون وٺندا آهن ۽ جڏهن اوهان نئين بال سان وڪيٽون وٺندا آهيو ته مخالف ٽيم کي آرام سان زِير ڪري سگهجي ٿو.

هڪ سوال جي جواب ۾ عبدالرزاق جو چوڻ هو ته جيڪڏهن پاڪستان ورلڊ ڪپ کٽيو ته بابر اعظم ڪپتان نه وزيراعظم بڻجندو.

پاڪستان کانسواءِ ڪنهن به ٽيم ۾ شامل ٿي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ واپسي بابت سوال تي محمد عامر جو چوڻ هو ته ڪو چانس نه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.