آءِ سي سي جو پاڪستاني ڪرڪيٽر سدرا امين تي ڏنڊ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وومينز ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ميچ ۾ آءِ سي سي پاڪستان جي سدرا امين تي ڪوڊ آف ڪنڊيڪٽ جي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ مڙهي ڇڏيو.

آءِ سي سي موجب، سدرا امين تي ميچ فيس جو ڏهه سيڪڙو ڏنڊ مڙهيو ويو ان سان گڏوگڏ کيس هڪ ڊي ميرٽ پوائنٽ ڏني وئي.

آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ڪرڪيٽر سدرا امين بنگلاديش خلاف پهرين ميچ ۾ امپائر جي فيصلي تي اڻوڻندڙ رويو اختيار ڪيو .

ٻئي پاسي سدرا امين پنهنجي غلطي مڃيندي پنهنجي سزا قبول ڪري ورتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.