ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رڌڻي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪم اچڻ کانسواءِ تيز پتو صدين کان دوائن ۾ استعمال ٿيندو رهيو آهي.
هي هاضمي کي بهتربڻائڻ ۽ مٿي ۽ پيٽ ڦوڪجڻ جي تڪليف کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
ان کان سواءِ تيز پتي ۾ بخار ۽ ٿڌ جي خلاف به ڪارائتيون خاصيتون آهن.
تيز پتو جيتن کي ڀڄائڻ جي حوالي سان به تجويز ڪيو ويندو آهي.
تيز پتي مان فائدو وٺڻ جو هڪ طريقو اهو آهي ته انهن مان ڪجهه پنن کي وهاڻي هيٺان رکي سمهجي.
جڏهن ته ٻيو طريقو اهو آهي ته پنن کي ڪمري ۾ ساڙيو وڃي.
هي پن خوشگوار ۽ پرسڪون خوشبو پيدا ڪندا آهن جيڪا دٻاءَ کي گهٽائيندي آهي.
تيز پن وهاڻي هيٺان رکي سمهڻ سان ننڊ جو معيار بهتر ٿيندو آهي.
تيز پنن کي ڪمري مان جيت ڀڄائڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو جنهن بعد ڪنهن به اسپري جي ضرورت نه پوندي.