اهم ميچ کان اڳ آسٽريلوي ٽيم جي تجربيڪار ڪرڪيٽر جي طبعيت بگڙي وئي

ڪينبرا ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ دوران افغانستان خلاف ميچ کان اڳ آسٽريلوي بيٽر اسٽيو سمٿ جي طبيعت بگڙي وئي.

ڪرڪيٽ آسٽريليا طرفان جاري ڪيل بيان موجب، اسٽيو سمٿ کي گذريل ڪجهه ڏينهن کان چڪر اچي رهيا آهن، ان کان اڳ به سمٿ ڪيئي ڀيرا چڪر اچڻ جي شڪايت ڪري چڪو آهي.

ان ڏس ۾ اسٽيو سمٿ جو چوڻ آهي ته کيس ڪجهه ڏينهن کان چڪر اچي رهيا آهن ۽ هن وقت سٺو محسوس نه پيو ڪيان.

آسٽريليا جي مڊل آرڊر بيٽر اسٽيو سمٿ اميد ظاهر ڪئي آهي ته هو افغانستان خلاف ميچ کان اڳ ٺيڪ ٿي ويندو.

ياد رهي ته اربع جي ڏينهن ست نومبر تي افغانستان ۽ آسٽريليا جي ميچ شيڊيولڊ آهي ۽ ورلڊ ڪپ جي پوائنٽس ٽيبل تي آسٽريليا ٽين ۽ افغانستان ڇهين پوزيشن تي موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.