ورلڊ ڪپ ۾ بدترين ڪارڪردگي، سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ فارغ

ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ سريلنڪا ڪرڪيٽ ٽيم جي ناقص ڪارڪردگي تي سريلنڪا جي راندين واري وزير رانا سنگهي ڪرڪيٽ بورڊ کي فارغ ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، سريلنڪا جي راندين واري وزير جا ڪرپشن جي الزامن سبب بورڊ سان لاڳاپا ڇڪتاڻ وارا هئا، سريلنڪن بورڊ کي ڀارت هٿان عبرتناڪ شڪست کانپوءِ فارغ ڪيو ويو آهي.

1996ع ۾ ورلڊ جي فاتح ٽيم جي ڪپتان ارجنا رانا ٽنگا کي ذميواري ڏني وئي آهي جڏهن ته کيس  بورڊ جو عارضي چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي.

سريلنڪن راندين واري وزير جي آفيس طرفان بورڊ کي فارغ ڪرڻ ۽ رانا ٽنگا کي ذميواري ڏيڻ جو بيان جاري ڪيو ويو آهي.

ميڊيا رپورٽس موجب، راندين واري وزير طرفان ست رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي، ڪميٽي ۾ سپريم ڪورٽ جا رٽائرڊ جج پڻ شامل آهن.

واضح رهي راندين واري وزير بورڊ انتظاميا کان استعيفائن جو مطالبو ڪيو هو، بورڊ جي سيڪريٽري موهن ڊي سلوا هڪ ڏينهن اڳ عهدو ڇڏڻ جو اعلان ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.