نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش ۽ سريلنڪا وچ ۾ دهلي جي ارون جيٽلي اسٽيديم ۾ جاري ورلڊ ڪپ ميچ ۾ پهريون ڀيرو سريلنڪا جو اينجيلو ميٿوز کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿي ويو.
تاريخ ۾ پهريون ڀيرو انٽرنيشل ڪرڪيٽ ۾ ڪنهن بيٽر کي ٽائم آئوٽ ٿيڻ تي مخالف ٽيم جي اپيل تي آئوٽ ڏنو ويو.
ڪرڪيٽ ويب سائيٽ اي ايس پي اين ڪرڪ انفو جي رپورٽ موجب، اينجيلو ميٿيوز ٽٽل هيلمٽ کڻي ميدان ۾ پهتو جنهن کانپوءِ لنڪن ڪرڪيٽر ميچ ۾ فيلڊ امپائر کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن اجازت نه ڏني.
بنگلاديشي ڪپتان شڪيب الحسن سميت رانديگرن طرفان ٽائم آئوٽ قانون تحت ميٿيوز جي خلاف اپيل ڪئي، امپائر اينجيلو ميٿيوز کي ٽائم آئوٽ جي بنياد تي آئوٽ قرار ڏئي ڇڏيو.
آءِ سي سي قانون پٽاندڙ ڪنهن به رانديگر کي ڪنهن بيٽر جي آئوٽ يا ڪريز ڇڏڻ جي صورت ۾ نئين بيٽر کي ٻن منٽن اندر ڪريز تي پهچڻو هوندو آهي يعني ڪنهن به رانديگر کي وڪيٽ ڪِرڻ جي ٻن منٽن اندر بال کيڏڻوهوندو آهي پر ميٿيوز ائين نه ڪري سگهيو جنهن جي بنياد تي امپائر کيس آئوٽ قرار ڏنو.
اهڙي طرح ميٿيوز پهريون ڪرڪيٽر بڻجي ويو آهي جنهن کي ” ٽائم آئوٽ “ قانون جي بنياد تي آئوٽ قرار ڏنو ويو .
امپائر طرفان ٽائم آئوٽ قرار ڏيڻ کانپوءِ ميٿيوز تپي باهه ٿي ويو ۽ هن ميدان مان ٻاهر وڃي هيلمٽ هيٺ اُڇلائي ڇڏيو جڏهن ته ڊرسنگ روم ڏانهن ويندي به هن ساٿي رانديگرن سان پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
You might also like