غزا ۾ اسرائيلي حملن کي مهينو مڪمل، شهيد فلسطينين جو انگ 10 هزار جي ويجهو پهچي ويو

غزا ( ويب ڊيسڪ ) غزا تي اسرائيلي حملن کي پورو مهينو ٿي ويو جنهن ۾ اسرائيلي بمباري سبب شهيد فلسطينن جو انگ ڏهه هزار ويجهو پهچي ويو آهي.
آمريڪا ۽ اسرائيل جي حامي طاقتون جنگ بندي جون مخالف آهن جڏهن باقي دنيا تماشائي جو ڪردارادا ڪري رهي آهي، غزا ۾ کاڌو آهي نه پاڻي نه ٻارڻ نه ئي بجلي، حالتون ڏينهن ڏينهن بد کان بدتر ٿينديون پيون وڃن.
عرب ميڊيا موجب، غزا تي سومر جي صبح مسلسل اسرائيلي بمباري ۾ گهٽ ۾ گهٽ 27 فلسطيني شهيد ٿيا ۽ 15 ڄڻا رفاح جي علائقي تل السلطان ۾ شهيد ٿيا آهن جڏهن ته غزا جي علائقي الزاويدا ۾ ڏهه فلسطينين کي شهيد ڪيو ويو آهي.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايمرجنسي سروس جا اهلڪار ڪجهه علائقن تائين ناهن پهچي سگهيا.
الشفا اسپتال سميت ڪيترن ئي اسپتالن جي ويجهو به حملا ٿيا، ان کانسواءِ ٻارن جي اسپتال تي به بمباري ڪئي وئي، غزا ۾ ٽيون ڀيرو مواصلات ۽ انٽرنيٽ سروسز معطل ڪئي وئي آهي.
فلسطيني صحت واري وزارت موجب، شهيد 9770 ماڻهن ۾ 4800 ٻار شامل آهن جڏهن ته زخمي فلسطينن جو انگ 26 هزار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.