ترقي جو بيٺل سفر ٻيهر شروع ڪري پاڪستان کي ايشين ٽائيگر بڻائينداسين: نواز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ترقي جو سفر جتي بيٺو، اتان ئي شروع ڪنداسين ۽ پاڪستان کي ايشين ٽائيگر بڻائينداسين.
ن ليگ قائد نواز شريف جي پارٽي سيڪريٽريٽ ماڊل ٽائون پهچڻ تي شهباز شريف سميت ٻين اڳواڻن سندس آجيان ڪئي.
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان خواجا آصف، احسن اقبال، اسحاق ڊار ۽ مريم اورنگزيب ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪي صورتحال ۽ پارٽي جي سياسي سرگرمين تي خيالن ڏي وٺ ڪئي وئي.
ان موقعي تي نواز شريف اڳواڻن کي چونڊن جي تياري جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ترقي جو سفر جتي بيٺو هو، اتان ئي شروع ڪنداسين ۽ پاڪستان کي ايشين ٽائيگر بڻائينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.