ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جناح انٽرنيشنل ايئرپور جي پارڪنگ ۾ موجود شهرين جون گاڏيون غير محفوظ بڻجي ويون، پارڪنگ رسيد جي باوجود شهري پنهنجين موٽرسائيڪلن کان محروم ٿي ويا.
ڪراچي ايئرپورٽ جي ملازمن جون موٽرسائيڪلون پارڪنگ ايريا مان چوري ٿي ويون، گاڏين مابن سامان جي چوري ۽ موٽرسائيڪلون چوري ٿيڻ معمول بڻجي ويو آهي.
موٽرسائيڪل چوري ڪرڻ جي واردات جا سي سي ٽي وي فوٽيجز به سامون اچي ويا آهن، ڦوٽيجز ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته چور موٽرسائيڪل کي سولائي سان ڪاهي فرار ٿي ويو.
ان حوالي سان سول ايويئيشن انتظاميا جو چوڻ هو ته ايئرپور جي پارڪنگ آئوٽ سروس جي آهي، گاڏين جي سار سنڀال ڪرڻ ٺيڪيدار جي ذميواري آهي.
You might also like