پول سان ٻڌل چور کي ساٿي ڇڏائي فرار، وڊيو وائرل

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ چورن جي انوکي ڳٺ جوڙ سامهون آئي اهي، عوام چور کي پڪڙي پول سان ٻڌي ڇڏيو، جنهن کي ساٿي چور هٿيارن جي زور تي ڇڏائي ويا.

ملير جي شمسي سوسائٽي ۾ گهر اندر چوري جو واقعو پيش آيو، جنهن ۾ ملوث چور کي ماڻهن پڪڙي گهر جي ٻاهران لڳل بجليءَ جي پول سان ٻڌي ڇڏيو.

تنهن بعد واردات جي نيت سان گهمندڙ ڦرندڙ موٽرسائيڪل سوار ڦورن ساٿي چور کي سڃاڻي ورتو ۽ هٿيارن جي زور تي پول سان ٻڌل چور کي ڇڏائي ڀڃي ويا جڏهن ته گهٽي ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن جي اچ وڃ جاري هئي.

سي سي ٽي وي ڪيمرا ۾ ڌاڙيلن جي اها سموري ڪارروائي رڪارڊ ٿي آهي جيڪا وائرل ٿي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.