سنڌ ۾ ڪانگو وائرس پکڙجڻ جو خدشو، ايڊوائزري جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صحت کاتي ڪانگو وائرس پکڙجڻ جي خدشي کي نظر ۾ رکندي ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي.
صحت کاتي جي ترجمان موجب ايڊوائزي ذريعي سڄي سنڌ جي ننڍين وڏين اسپتالن کي ڪانگو وائرس کان بچاءَ ۽ حفاظتي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
سول اسپتال ڪوئيٽا ۾ ڪانگو وائرس سي سي ايڇ ايف جا 8 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. ڪانگو وائرس سان هيلٿ ڪيئر ورڪرز به متاثر ٿيا آهن.
ڪانگو وائرس سبب ڪوئيٽا ۾ هڪ ڊاڪٽر شڪر الله بلوچ جي شهادت جا به اطلاع آهن. ڪانگو وائرس عام طور تي جانورن ذريعي انسان ۾ منتقل ٿيندو آهي.
ترجمان جو چوڻ هو ته هيلٿ ڪيئر ورڪرز ۽ عوام ڪانگو وائرس کان بچاءَ جا حفاظتي قدم اختيار ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.