ثنا نواز جي هيوي بائيڪ جي اگهه سڀني جا هوش اڏائي ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي ٽيليويزن ۽ فلمي اداڪارا ثناءَ نواز هڪ هيوي موٽر سائيڪل جي حيران ڪندڙ قيمت ٻڌائي مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو.

پاڪستاني ليجنڊ اداڪار شان شاهد ۽ ريشم سان گڏ اردو فيچر فلم ”سنگم“ سان پنهنجي شوبز ڪيريئر جي شروعات ڪندڙ اداڪارا ثنا نواز نه رڳو پاڪستان پر سرحد پار ڀارت ۾ به پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن.

ڀارتي پنجابي فلم ’دل پرديسي هوگا‘ ۽ ’قافلا‘ سان شهرت ماڻيندڙ ثنا نواز تازو ئي ٽاڪ شو ۾ مهمان طور نظر آئي، جنهن ۾ هن مختلف موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

ڳالهه ٻولهه دوران اداڪارا چيو ته مون کي هيوي بائيڪ هلائڻ جو شوق آهي، ان دوران هوءَ ڪيترائي ڀيرا ڪري چڪي آهي.

ان حوالي سان وڌيڪ ڳالهائيندي ثنا جو چوڻ هو ته پنهنجي هن شوق کي پورو ڪرڻ لاءِ ۾ ’هارلي ڊيوڊسن فيٽ بوب‘ (هڪ اسڪوٽر جو ماڊل) رکيو آهي، جنهن جي ڪل قيمت 50 لک پاڪستاني رپيا آهي.

ماضيءَ جو قصو ٻڌائيندي اداڪارا چيو ته هڪ دفعي مان ڊفينس فيز 8 ۾ موٽرسائيڪل هلائي رهي هئس ته ان دوران ٻه ڪتا منهنجي پٺيان آيا ۽ مان کڏ ۾ ڪري پئي هيس.

اداڪارا جو چوڻ هو ته جڏهن ڇوڪرا موٽر سائيڪل هلائيندي منهنجي پٺيان لڳن ٿا ته سوچيو ته عام ڇوڪرين جو ڇا ٿيندو آهي، ڇوڪرين لاءِ ڪيترو ڏکيو هوندو آهي جيڪي روز ٻاهر نڪرنديون آهن، موٽرسائيڪل هلائڻ سولو آهي پر پاڪستان ۾ اهو ڏکيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.