اسرائيل جا فرانس جي انسٽيٽيوٽ ۽ پريس آفيس تي هوائي حملا

غزا (ويب ڊيسڪ) اسرائيل فرانس جي انسٽيٽيوٽ ۽ پريس آفيس تي به هوائي حملا ڪري ڇڏيا.
فرانسيسي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيل غزا ۾ قائم دي فرنچ انسٽيٽيوٽ تي حملو ڪيو پر خوش قسمتي سان اتي موجود ڪنهن به عملي جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع ناهن مليا.
پرڏيهي وزارت جو چوڻ هو ته هنن اسرائيلي اختيارين کان پنهنجي انسٽيٽيوٽ تي حملي جو ٺوس سب پڇيو آهي.
فرانسيسي پرڏيهي وزارت جو چوڻ هو ته غزا پٽي تي قائم اي ايف پي جي آفيس تي به حملو ڪيو ويو آهي جنهن سان آفيس کي شديد نقصان پهتو جڏهن ته آفيس جي عملي کي 13 آڪٽوبر تي اتان منتقل ڪيو ويو هو.

سوشل ميڊيا جي ويب سائيٽ ايڪس تي اي ايف پي حملي جي وڊيو جاري ڪندي ڀرپور مذمت به ڪئي آهي.
ان کانسواءِ هڪ بيان ۾ فرانس جي پرڏيهي وزارت غزا ۾ متاثرن جي انگ تي ”شديد ڳڻتي“ جو اظهار به ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.